بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻيون ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 21 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو

ڍاڪا- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل ٻيون ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 21 آڪٽوبر تي شير بنگله نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 74 …

ڍاڪا- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل ٻيون ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 21 آڪٽوبر تي شير بنگله نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 74 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏيندي. ٽن ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ کيڏي وئي آهي، جنهن ۾ بنگلاديش کي ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته ون ڊي سيريز جي ٻين ميچ 21آڪٽوبر ۽ ٽين ميچ 23 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز ۾ بنگلاديشي ٽيم جي اڳواڻي مهدي حسن ۽ ويسٽ انڊيز ٽيم جي اڳواڻي شائي هوپ ڪندو. ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز جي شروعات 27 آڪٽوبر کان ٿينديڍ. جڏهن ته باقي ٻه ميچون ترتيبوار 29 ۽ 31 آڪٽوبر تي کيڏيون وينديون. ٽي 20 سيريز جو سموريون ميچون ايم اي عزيز اسٽيڊيم، چٽوگرام ۾ کيڏيون وينديون.