اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 18 هين ورسي تي شهيد بينظير ڀٽو ۽ جمهوريت جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جان کي خطرن جي باوجود ان ڏينهن گهر واپس آئي. صدر چيو ته ڪارساز ۾ دهشتگرد حملي کان پوءِ به …
صدر پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 18 هين ورسي تي شهيد بينظير ڀٽو ۽ جمهوريت جي شهيدن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 18 هين ورسي تي شهيد بينظير ڀٽو ۽ جمهوريت جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جان کي خطرن جي باوجود ان ڏينهن گهر واپس آئي. صدر چيو ته ڪارساز ۾ دهشتگرد حملي کان پوءِ به هوءَ پنهنجي مشن تي ثابت قدم رهي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. ان کانپوءِ ٿيندڙ واقعن کي ياد ڪندي صدر چيو ته هُن زخمين سان ملڻ ۽ سوڳوار خاندانن کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ زخمين جي اسپتالن ۾ عيادت ڪئي ۽ پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان ڏينهن کان وٺي سندس شهادت تائين، سندس زندگي ۽ قرباني جمهوريت ۽ امن لاءِ بيٺا ماڻهن لاءِ هدايت ۽ طاقت جو سبب آهي. هن چيو ته قوم مسلسل دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مسلسل مُقابلو ڪري رهي آهي ۽ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي همت ۽ قربانيون اهڙين سڀني قوتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ اسان جي عزم کي هٿي وٺرائين ٿيُون.











