ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ آجياڻو

اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ قومي رانديگرن ۽ ٽيم مينيجمينٽ شرڪت ڪئي. تقريب دوران پي سي بي جي چيئرمين رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ قومي رانديگرن ۽ ٽيم مينيجمينٽ شرڪت ڪئي. تقريب دوران پي سي بي جي چيئرمين رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته رانديگرن محنت ۽ ٽيم ورڪ ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. محسن نقوي رانديگرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان جذبي ۽ عزم سان کيڏندا رهو  ته وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن وڌيڪ چيو ته مستقل مزاجي، اتحاد ۽ هاڪاري سوچ سان ٽيم مستقبل ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي رهندي. پي سي بي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ رڳو راند نه پر دوستي، گڏيل احترام ۽ قومي يڪجهتي جو ذريعو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي ٽيم مستقبل ۾ پڻ راند ۾ ڪاميابي واري روايت کي برقرار رکندي ملڪ ۽ قوم جو روشن ڪندي رهندي.