اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوروف ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه لاڳاپن، اترئين علائقن جي قدرتي خوبصورتي، سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا سهڪار جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ قومي خابرو اداري ايسو سيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۽ روس جي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان روس جي سفير البرٽ پي خوروف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوروف ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه لاڳاپن، اترئين علائقن جي قدرتي خوبصورتي، سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا سهڪار جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ قومي خابرو اداري ايسو سيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۽ روس جي اسپٽنڪ نيوز ايجنسي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي ورلڊ) ۽ آر ٽي (رشين ٽي وي) وچ ۾ سهڪار جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي عوامي سطح جي خيالن جي ڏي وٺ جي پروگرام تحت ڊجيٽل انفلوئنسرز ۽ نوجوانن تي ٻڌل وفدن جي مٽا سٽا بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل سفارتي لاڳاپا قائم آهن. روس جي سفير چيو ته پاڪستان ۾ اترئين علائقن جي سياحتي صلاحيت سڄي دنيا جي سياحن لاءِ پرڪشش آهي، روسي سياح پاڪستان جي سياهتي علائقن ۾ خاص دلچسپي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي نوان رخ ڏيندي عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ميڊيا، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو.











