ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن مان پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو دريا ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 38 هزار ڪيوسڪ ڪابل دريا ۾ نوشهره واري هنڌ پاڻي جي آمد 10 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 300 ڪيوسڪ، خير …

اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن مان پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو دريا ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 38 هزار ڪيوسڪ ڪابل دريا ۾ نوشهره واري هنڌ پاڻي جي آمد 10 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 300 ڪيوسڪ، خير آباد پل ۾ پاڻي جي آمد 16 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم دريا ۾ منگلا واري هنڌ پاڻي جي آمد 9 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته چناب دريا ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ قابل استعمال پاني جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1242.00 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 ۽ قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو 7.277 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 647.90 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.253 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں