وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان چين جي ڪلچرل قونصلر جي ملاقات

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان چين جي نيشنل ڪلچرل هيريٽيج ايڊمنسٽريشن جي ڪلچرل قونصلر چن پينگ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون ۽ مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي وئي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ـ چين وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، عوامي …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان چين جي نيشنل ڪلچرل هيريٽيج ايڊمنسٽريشن جي ڪلچرل قونصلر چن پينگ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون ۽ مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي وئي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ـ چين وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ـ گڏيل دوستيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻنهي ملڪن دوستاڻي مشاورت ذريعي ان عزم کي ورجايو ته هو پنهنجي پنهنجي ملڪ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکندا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي موجب جيڪي ثقافتي ورثي جي چوري، غير قانوني کوٽائي ۽ غير قانوني درآمد ۽ برآمد جي روڪٿام بابت آهي. پاڪستان ۽ چين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هو ثقافتي نوادرات جي غير قانوني اسمگلنگ خلاف گڏيل ڪوششون ڪندا. ان تعاون سان عالمي سطح تي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي ڪوششن کي هٿي ملندي.

مزید خبریں