جمهوريت، مساوات ۽ انصاف جي حڪمرانيءَ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڪارساز جي شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي انهن جي 18هين ورسيءَ جي موقعي تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي شهيدن جو ناقابل شڪست حوصلو، پُختو عزم ۽ وفاداري ۽ پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته 18 آڪٽوبر …

ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي انهن جي 18هين ورسيءَ جي موقعي تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي شهيدن جو ناقابل شڪست حوصلو، پُختو عزم ۽ وفاداري ۽ پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏينهن قوم جي روح تي هميشه چٽيل آهي ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن عوام جو وڏو انگ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسيءَ تي تاريخي استقبال ڪيو ۽ 180 بهادر جيالن جمهوري پاڪستان جي خواب خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڪارساز جي شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائيندو ته جيئن هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ٿئي جتي جمهوريت، مساوات ۽ انصاف جي حڪمراني هجي. هن چيو ته اسان جي شهيدن جو رت اڄ به هڪ پُرامن جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان طرف اسان جي سفر کي روشن ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں