اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سيمنز هيلٿينيئرز پاڪستان ۽ افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ خاص طور تي ميڊيڪل ٽيڪنالاجي، تشخيصي سهولتن ۽ …
صدر آصف علي زرداري سان سيمنز هيلٿينيئرز پاڪستان ۽ افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سيمنز هيلٿينيئرز پاڪستان ۽ افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ خاص طور تي ميڊيڪل ٽيڪنالاجي، تشخيصي سهولتن ۽ ڊيجيٽل هيلٿ جي شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر پاڪستان جي صحت جي شعبي جي معاونت ۾ سيمنز هيلٿينيئرز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ صحت جي خدمتن ۾ جدت ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.











