اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اينا ليپل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ جرمني جي ٻطرفي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان جرمني جي پراڻي حصيداري ۽ موسمياتي قدمن، عورتن جي بااختياري، …
صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اينا ليپل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ جرمني جي ٻطرفي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان جرمني جي پراڻي حصيداري ۽ موسمياتي قدمن، عورتن جي بااختياري، سماجي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن پاڪستان – جرمني موسمياتي حصيداري معاهدي کي فوري حتمي شڪل ۾ آڻڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته ٻئي ملڪ عالمي موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل هدف رکن ٿا. صدر پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري خاص طور تي قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ تعاون جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ خصوصي مراعتن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڪستان – جرمني چيمبر آف ڪامرس جي قيام سان واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ تي ڳالهه ڪندي صدر هن سال جي آخر ۾ پاڪستان – جرمني اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ڇهين دور جي ميزباني ڪرڻ جي جرمن آڇ جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ٻطرفي تعاون جي مثبت رجحان کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري افغان ري لوڪيشن پروگرام ۾ سهولت جي لاءِ جرمني جي ڪردار کي پڻ تسليم ڪيو ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. جرمن سفير صدر کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هي سندس ٽئين مقرري آهي ۽ سفير جي طور تي هي سندس ٻيو دور آهي. هو ان کان اڳ 2006ع کان 2009ع ۽ پوءِ 2015ع کان 2019ع تائين پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. تعليم، هنرمند افرادي قوت جي چرپر ۽ قونصل معاملن بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر جرمني ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن جي وڌندڙ انگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ فيملي ري يونين ۽ بزنس ويزا ۾ دير جي فوري حل تي زور ڏنو.











