صدر آصف علي زرداري کي چئن ملڪن جي نون مقرر ٿيندڙ سفيرن پاران سفارتي سندون پيش

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان ۾ چئن ملڪن جي نون مقرر ٿيندڙ سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جن سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون انهن ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر طارق علي خان، جمهوريه لبنان جو سفير عبدالعزيز عيسيٰ، نيڌرلينڊ جو سفير ابرٽ جان سيگرٽ ۽ …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان ۾ چئن ملڪن جي نون مقرر ٿيندڙ سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جن سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون انهن ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر طارق علي خان، جمهوريه لبنان جو سفير عبدالعزيز عيسيٰ، نيڌرلينڊ جو سفير ابرٽ جان سيگرٽ ۽ نيوزيلينڊ جو نان ريزيڊنٽ هاءِ ڪمشنر ڊيوڊ پائن (جيڪو ڪولمبو ۾ رهي ٿو) شامل هئا. ايوان صدر اچڻ تي معزز سفيرن کي پاڪستاني هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. نئين سفيرن جي آجيان ڪندي صدر آصف علي زرداري کين انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندن مقرري پاڪستان جي انهن ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. صدر ڪئناڊا سان پاڪستان جي پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وجهندي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام سان عوام جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي ساراهيو. لبنان جي سفير سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ صدر لبنان جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي ڀرپور يڪجهتي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جي سختي سان مذمت ڪئي. هن لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو ۽ ٻطرفي واپار، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خلاف تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نيڌرلينڊ جي سفير سان پنهنجي ملاقات دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڻي جي انتظام، موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي جهڙن شعبن ۾ نيدرلينڊ سان حصيداري کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ هالينڊ جي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي آڇ ڪئي. نيوزيلينڊ جي نان ريزيڊنٽ هاءِ ڪمشنر سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪامن ويلٿ جي گڏيل وراثت ۽ جمهوري قدرن کي اجاگر ڪيو. هن زراعت، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ صاف توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي روشني وڌي ۽ پاڪستان جي گهڻ رخي قدمن جي لاءِ نيوزيلينڊ جي حمايت کي ساراهيو. صدر چئني سفيرن جي لاءِ ڪامياب ۽ لاڀائتي ملازمت جي مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهن جون ڪوششون گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جو سبب بڻجنديون. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر نديم مانڊوي والا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا.

مزید خبریں