صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات لاءِ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان جي ملاقات

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات لاءِ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر آصف علي زرداري شفقت علي خان کي سندس نئين مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس وسيع سفارتي تجربي کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اعتماد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان جي گڏيل عرب …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات لاءِ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر آصف علي زرداري شفقت علي خان کي سندس نئين مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس وسيع سفارتي تجربي کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اعتماد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات سان پاڪستان جي لاڳاپن کي ملڪي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، عقيدي ۽ مضبوط عوام سان عوام جي لاڳاپن تي ٻڌل گهرا ۽ پائيدار لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اهم واپاري حصيدارن مان هڪ هجڻ جي ناطي گڏيل عرب امارات جي توانائي، انفراسٽرڪچر، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري، ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. صدر گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستانين جي قيمتي ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا اتان جي سڀ کان وڏي غيرملڪي ڪميونٽيز مان هڪ آهي ۽ ان کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو معاشي مدد پر دوستي جي پُل پڻ قرار ڏنو. صدر پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي مسلسل حمايت ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته سفير شفقت علي خان پرخلوص انداز ۾ ڪم ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائيندو.

مزید خبریں