راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 6 خوارجي ماري ڇڏيا، 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل 94 خوارجي مارجي چڪا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب اتر وزيرستان جي علائقي ٽنگ ڪلي (دته خيل) ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپاسي جي علائقن ۾ دهشتگردن جي چُرپر جو ڳجهو …
سيڪيورٽي فورسز جي اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪارروائي، 6 خوارجي مارجي ويا، 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل 94 خوارجي ماريا ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 6 خوارجي ماري ڇڏيا، 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل 94 خوارجي مارجي چڪا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب اتر وزيرستان جي علائقي ٽنگ ڪلي (دته خيل) ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپاسي جي علائقن ۾ دهشتگردن جي چُرپر جو ڳجهو اطلاع مليو هو. فورسز اطلاع کي نظر ۾ رکندي 8 کان 10 ڏينهن تائين علائقي جي ڀرپور نگراني ڪئي، 16 آڪٽوبر تي سيڪيورٽي فورسز انهن دهشتگردن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ فتنه الخوارج جو ڪمانڊر محبوب عرف محمد به شامل آهي. سيڪيورٽي فورسز جي هيءَ ڪارروائي علائقي ۾ امن دشمن ڌُرين خلاف جاري آپريشن جو حصو آهي ۽ عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽي اُڇلائڻ لاءِ پُرعزم آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب گذريل 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل 94 خوارجين کي ماريو ويو. نيشنل ايڪشن پلان تحت عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف بنا فرق جي مسلسل ڪارروايون جاري آهن.











