وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ڪالهه برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي شاندار روايتن ۽ ثقافتي ورثي تي تمام گهڻو فخر آهي، پاڪستان برطانيه سان ناتن کي قدر جي نگاهه سان …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ڪالهه برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي شاندار روايتن ۽ ثقافتي ورثي تي تمام گهڻو فخر آهي، پاڪستان برطانيه سان ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ ان سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي، هندو، سک، پارسي ۽ ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا پاڪستاني اسان جي سماجي ريتن رسمن جو اڻٽٽ حصو آهن. پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورن شعبن ۾ اقليتن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ وسيع پيماني تي هاڪاري قدم کنيا آهن. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته برطانيه ۾ 20 لک مسلمان ۽ 17 لک هندو رهندڙ آهن، پاڪستان ۽ برطانيه بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. برطانيه مدرسن جي شاگرد ن کي جديد فني تعليم، هنر جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي معاونت جي آڇ ڪئي آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته مدرسن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن کي برطانيه ۾ ايڪسچينج پروگرامز ۽ اسڪالرشپ فراهم ڪري سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ 18 هزار کان وڌيڪ مدرسا رجسٽرڊ آهن، انهن جي شاگردن کي جديد تعليم فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم ۽ هنر سيکاريو پيو وڃي. ملاقات ۾ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم اهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں