اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي ترجيحن جو مرڪز هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي ڪوبه شخص محرومي، بُک ۽ مايوسيءَ جو شڪار نه ٿئي. غربت جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حڪومت غربت جي خاتمي کي قومي ترقيءَ جي بنيادي ايجنڊا طور اختيار ڪيو …
حڪومت غربت جي خاتمي کي قومي ترقيءَ جي بنيادي ايجنڊا طور اختيار ڪيو آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي ترجيحن جو مرڪز هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي ڪوبه شخص محرومي، بُک ۽ مايوسيءَ جو شڪار نه ٿئي. غربت جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حڪومت غربت جي خاتمي کي قومي ترقيءَ جي بنيادي ايجنڊا طور اختيار ڪيو آهي، ان مقصد لاءِ اُڏام پاسڪتان فريم ورڪ تحت پائيدار ترقي، سماجي انصاف ۽ خوشحاليءَ لاءِ جامع رٿابندي تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جڏهن معيشت کي استحڪام ملي ٿو ته ان جو ڦل معاشري جي هر طبقي کي پهچي ٿو، معاشي استحڪام سان روزگار جا موقعا وڌن ٿا، آمدنيءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ غربت جا ڪڪر هٽي ويندا آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پنهنجي ترقياتي منصوبي ۾ غريب ۽ ڪمزور طبقن کي اهميت ڏني آهي، نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري کين باعزت روزگار جي قابل بڻايو وڃي ٿو ته جيئن هو پاڻڀرا ٿي عزت نفس سان زندگي گذاري سگهن. وفاقي وزير چيو ته هو خاص ڪري نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته غربت جي خاتمي جي سڀ کان وڏي چاٻي تعليم ۽ هنر آهي، حڪومت ناليج اڪانومي پروگرامز ذريعي نوجوانن لاءِ هنرمندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي ۽ زرعي شعبي جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن معيشت ۾ پيداوار، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿي سگهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت اهڙو پاڪستان تعمير ڪري رهي آهي جتي هر شخص کي باعزت روزگار، معياري تعليم، بهتر صحت ۽ محفوظ مستقبل حاصل هجي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان ويزن ذريعي اسان سڀ گڏجي هڪ خوشحال ۽ مضبوط باوقار پاڪستان جي تعمير ڪنداسين.











