پاڪستان پاران افغان طالبان، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران پاڪ – افغان سرحد تي بنا جواز جارحيت تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 11 ۽ 12 آڪٽوبر ۽ پوءِ 14 ۽ 15 آڪٽوبر جي وچ واري رات افغان طالبان، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران پاڪ – افغان سرحد تي بنا جواز جارحيت تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهڙي طرح جي اشتعال انگيز ڪاررواين جو مقصد پاڪستان – افغانستان سرحد کي …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 11 ۽ 12 آڪٽوبر ۽ پوءِ 14 ۽ 15 آڪٽوبر جي وچ واري رات افغان طالبان، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران پاڪ – افغان سرحد تي بنا جواز جارحيت تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهڙي طرح جي اشتعال انگيز ڪاررواين جو مقصد پاڪستان – افغانستان سرحد کي غيرمستحڪم ڪرڻ ۽ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ پرامن پاڙيسريت ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جي مجموعي روح کان انڪار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق جو استعمال ڪندي نه رڳو سرحد تي حملن کي موثر طريقي سان ناڪام بڻايو پر افغان سرزمين تان ڪارروايون ڪندڙ طالبان فورسز ۽ ان سان واڳيل دهشتگرد گروهن کي پڻ جاني، مادي ۽ بنيادي ڍانچي جي لحاظ کان وڏو نقصان پهچايو. ترجمان چيو ته اهو انفراسٽرڪچر پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۽ سهولتڪاري جي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان جو هدف ۽ صحيح دفاعي ردعمل افغان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ نه هو. طالبان فورسز جي ابتڙ اسان شهرين جي جانين جي زيان کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي دفاعي ردعمل ۾ انتهائي احتياط ڪيو. ترجمان چيو ته طالبان حڪومت جي درخواست تي ۽ گڏيل رضامندي سان پاڪستان حڪومت ۽ افغان طالبان حڪومت عارضي جنگبندي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو جيڪو 15 آڪٽوبر جي شام 6 وڳي کان لاڳو ٿيو ۽ اهو 48 ڪلاڪن تائين جاري رهندو. ترجمان چيو ته ان عرصي دوران ٻئي ڌريون تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ان ڏکئي پر حل جوڳي مسئلي جو مثبت حل ڳولڻ جون مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ۽ افغانستان سان گڏيل طور تي لاڀائتن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان حڪومت انس ان گڏوگڏ صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ اها پنهنجي سرزمين ۽ ماڻهن جي جانين جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڀارت ۾ عبوري افغان پرڏيهي وزير جي دعوائن کي سختي سان رد ڪيو آهي، اهڙي بي بنياد دعويٰ ڪري طالبان حڪومت علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان پاڻ کي آزاد نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته افغان سرزمين تي دهشتگرد تي دهشتگرد عنصرن جي مسلسل موجودگي بشمول گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي رپورٽن ۽ افغانستان ۾ انهن جي سرگرمين جي آزادي کي چڱي طرح سان دستياويزي شڪل ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ هڪ گڏيل مقصد آهي، طالبان حڪومت کي ذميواريون بدلائڻ بدران پنهنجي سرزمين کي ٻين ملڪن جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان افغان سرزمين تان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي موجودگي بابت پنهنجي خدشن جو بار بار اظهار ڪيو آهي، پاڪستان طالبان جي حڪومت کان انهن دهشتگرد عنصرن جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳي ڪاررواين جي اميد ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان سٺي پاڙيسريت، اسلامي ڀائيچاري ۽ انسانيت جي جذبي تحت چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين اٽڪل 40 لک افغانين جي فراخدلي سان ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان شهرين جي موجودگي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم عالمي اصولن ۽ پنهنجي ملڪي قانونن موجب کڻندو. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، دوستاڻو، جامع، علائقائي طور تي ڳنڍيل ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، پاڪستان اميد ڪري ٿو ته طالبان حڪومت ذميواري سان ڪم ڪندي، پنهنجي واعدن جو احترام ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته اسان به اها اميد ڪريون ٿا ته هڪ ڏينهن افغان عوام آزادي ٿيندي ۽ انهن تي هڪ حقيقي نمائنده حڪومت ڪندي.

مزید خبریں