آمريڪا ۽ مصر جي صدرن جي گڏيل دعوت تي وزيراعظم 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي شرم الشيخ جو اهم سفارتي دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گڏيل دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي شرم الشيخ جو اهم سفارتي دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ ڪابينا جي سينيئر …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گڏيل دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي شرم الشيخ جو اهم سفارتي دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ ڪابينا جي سينيئر ميمبرن سان گڏ اعليٰ سطحي گهڻ رخي قدمن ۾ حصو ورتو جنهن جو مقصد غزه ۾ سنگين انساني ۽ سيڪيورٽي بحران کي منهن ڏيڻ آهي. هن چيو ته امن سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار عالمي امن ۽ انصاف جي لاءِ پرعزم هڪ ذميوار ملڪ جي طور تي پاڪستان جي پوزيشن کي سگهه ڏني آهي. ترجمان چيو ته امن عمل جي جوڙجڪ ۾ پاڪستان جي حصيداري ۽ تعميري ڪردار جو وڏي پئماني تي اعتراف ڪيو پيو وڃي جڏهن ته علائقائي سلامتي ۽ تعاون جي لاءِ هڪ اهم مسلمان ملڪ جي طور تي پاڪستان جو تشخص مضبوط ڪيو آهي. ترجمان چيو ته شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ سربراهي ڪانفرنس ۾ برطانيا جي وزيراعظم، جرمن چانسلر، ترڪ صدر، قطر جي امير، انڊونيشيا جي صدر، ڪينيڊين وزيراعظم ۽ مسلمان ۽ يورپي ملڪن جي ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن سميت 30 جي لڳ ڀڳ اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن چيو ته تقريب ۾ امن معاهدي جي ضامن جي طور تي آمريڪا، مصر، قطر ۽ ترڪيه پاران دستاويز تي صحيحون ڪرڻ جي چار ڌريي تقريب به شامل هئي. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس جي سرڪاري شيڊيول موجب صحيحن واري تقريب کانپوءِ رڳو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ صدر السيسي کي ئي بيان ڏيڻو هو پر ايجنڊا جي ابتڙ صدر ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تقرير جي دعوت ڏني. پنهنجي مختصر خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪيا ته هن ڪيترن ئي خطن خاص طور تي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مثالي قيادت فراهم ڪئي. هن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ تي پڻ صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا.

مزید خبریں