اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏيندي 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل …
وزيراعظم پاران اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏيندي 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکندو، فتنه الخوارج ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن جي پاڪستان جي حوالي سان ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ملڪ جي دفاع جي اڻٿڪ عزم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي.











