اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ سينئر سرڪاري صلاحڪار ميٽ ڪلينسي سان گڏ ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت پاڪستان جي ميڪرو اقتصادي ترقي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف …
ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ سينئر سرڪاري صلاحڪار ميٽ ڪلينسي سان گڏ ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت پاڪستان جي ميڪرو اقتصادي ترقي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي استحڪام کي معاشي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ وارو ادارو بڻائڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي. جين ميريٽ برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ برطانيه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ جي عزم کي ورجايو.











