پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي شرح 3.5 کان وٺي 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي شرح 3.5 کان وٺي 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان چيني ڪرنسي يوان ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪندو. اها ڳالهه هن بلومبرگ کي انٽرويو ڏيندي چئي. …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي شرح 3.5 کان وٺي 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان چيني ڪرنسي يوان ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪندو. اها ڳالهه هن بلومبرگ کي انٽرويو ڏيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن دوران ٻوڏ سبب زرعي شعبي کي نقصان پهتو آهي، ٻوڏ سبب چانور ۽ ڪپهه جي شعبي کي نقصان پهتو، ان سان جي ڊي پي جي واڌ متاثر ٿي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، نقصان جو تفصيلي ڪاٿو ايندڙ مهينن ۾ معلوم ٿي ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب جيتوڻيڪ جي ڊي پي جي شرح متاثر ٿيندي تنهن هوندي به اسان جو اندازو آهي ته هن سال دوران اقتصادي ترقي جي شرح 3.5 کان وٺي 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ حقيقي خطرو آهي، اسان ان کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ هاڻوڪي ٻوڏ مان ان جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن مان فائدو کڻي رهيو آهي. نومبر جي پڄاڻي يا ڊسمبر جي شروعات ۾ چيني ڪرنسي يوان ۾ پهريون پانڊا بانڊ جاري ٿيندو. هن چيو ته 250 ملين ڊالرن جا شروعاتي بانڊز جاري ڪرڻ جو مقصد فنڊنگ جي ذريعن کي متنوع بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان کان پهرين پاڪستان آمريڪي مارڪيٽ، يورو بانڊ ۽ اسلامي سڪوڪ جاري ڪيا هئا، جڏهن ته اسان ٻي وڏي ڪيپيٽل مارڪيٽ مان به ان وقت تائين فائدو نه کنيو هو.

مزید خبریں