اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج اسڪيم 2026ع لاءِ بڪنگ جي تاريخ ۾ 22 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري ترجمان موجب وزارت تاريخ ۾ واڌ جي حوالي سان منتظمين ۽ ڊي ايڇ سيز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. حج پاليسي ۽ سروس فراهم ڪندڙ ايگريمينٽ تحت بڪنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته …
مذهبي معاملن واري وزارت پاران پرائيويٽ حج اسڪيم 2026ع لاءِ بڪنگ جي تاريخ ۾ 22 آڪٽوبر تائين واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج اسڪيم 2026ع لاءِ بڪنگ جي تاريخ ۾ 22 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري ترجمان موجب وزارت تاريخ ۾ واڌ جي حوالي سان منتظمين ۽ ڊي ايڇ سيز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. حج پاليسي ۽ سروس فراهم ڪندڙ ايگريمينٽ تحت بڪنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري سيڪريٽري جي منظوري سان بڪنگ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پرائيويٽ حج اسڪيم جي بڪنگ جي آخري تاريخ 17 آڪٽوبر هئي، هن وقت تائين پرائيويٽ اسڪيم تحت 55 هزار 500 ماڻهن بڪنگ ڪرائي آهي جڏهن ته انهن جي ڪوٽا 50 هزار هئي، هاڻي به 4 هزار 500 ماڻهن جي گنجائش باقي آهي. 22 آڪٽوبر تائين واڌ جي فيصلي جو پرائيويٽ اسڪيم تحت حج جا خواهشمند ماڻهو فائدو کڻي سگهن ٿا.











