دبئي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) موجب ٽي- 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20ٽيمن جو لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي، متحده عرب امارات به ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٽي -20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ 2026ع تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ لاءِ ايشيا پيسفڪ ريجنل فائنل سان متحده عرب امارات به …
ٽي- 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20ٽيمن جو لائن اپ مڪمل، متحده عرب امارات به شامل

مزید خبریں
دبئي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) موجب ٽي- 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20ٽيمن جو لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي، متحده عرب امارات به ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٽي -20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ 2026ع تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ لاءِ ايشيا پيسفڪ ريجنل فائنل سان متحده عرب امارات به ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، اهڙي طرح ٽي -20 ورلڊ ڪپ جو سمورو 20 ٽيمن جو لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي. ميزبان ڀارت ۽ سريلنڪا کانسواءِ پاڪستان، متحده عرب امارات، آسٽريليا، بنگلاديش، انگلينڊ، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، نيوزي لينڊ، افغانستان، نميبيا، زمبابوي، آئرلينڊ، ڪينيڊا، اٽلي، نيڌرلينڊز، نيپال، عمان ۽ آمريڪا جون ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ مقابلو ڪنديون. متحده عرب امارات جاپان خلاف 8 وڪيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪري ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ آخر (20 هين) ٽيم هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. 2026ع جو ٽورنامينٽ به گذريل ايڊيشن (آمريڪا، ويسٽ انڊيز) وانگر هوندو، 20 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ ۾ 5 ٽيمون شامل هونديون، هر گروپ مان 2 ٽيمون اڳئين مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، جنهن کانپوءِ سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏيو ويندو.











