اسلام آباد - 17 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي ) معاشي ۽ اقتصادي تعاون کي نئين جدت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. ايس آئي ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ واپاري شراڪتداري ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. تفصيل مطابق وزيراعظم جي واپار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان يو اي اي جي واپار واري وزير سان اهم ملاقات ڪئي. رانا احسان افضل …
پاڪستان ۽ يو اي اي معاشي ۽ اقتصادي تعاون کي نئين جدت ڏيڻ لاءِ پرعزم، اي آئي ايف سي جي سهڪار سان پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ واپاري شراڪتداري ۾ اڳڀرائي جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي ) معاشي ۽ اقتصادي تعاون کي نئين جدت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. ايس آئي ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ واپاري شراڪتداري ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. تفصيل مطابق وزيراعظم جي واپار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان يو اي اي جي واپار واري وزير سان اهم ملاقات ڪئي. رانا احسان افضل خان يو اي اي جي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ايگزهيبيشن (فوڊ ايگ 2025ع ) ۾ خصوصي شرڪت جي دعوت ڏني. فوڊ ايگ 2025ع جهڙا پروگرام پاڪستان جي مصنوعات لاءِ عالمي مارڪيٽن جا درواز کوليندا. فوڊ ايگ 2025ع واپار واري وزارت جو فليگ شپ ايونٽ 25 کان 27 نومبر تي منعقد ٿيندو، بهتر واپاري لاڳاپن سان نار وارن ملڪن سان پاڪستان جو اقتصادي اعتماد مضبوط ٿيندو. ايس آئي ايف سي جا موثر قدم پاڪستان ۽ نار وارن ملڪن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪري رهيا آهن.











