اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ ضروري آهن جيڪي قدرتي نظارن، ٻيلن ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي مقامي آبادي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سامسن گروپ آف ڪمپنيز جي عالمي مشاورتي بورڊ سان ملاقات …
وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سامسن گروپ آف ڪمپنيز جي عالمي مشاورتي بورڊ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ ضروري آهن جيڪي قدرتي نظارن، ٻيلن ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي مقامي آبادي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سامسن گروپ آف ڪمپنيز جي عالمي مشاورتي بورڊ سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڪينسنگٽن جي لارڊ عامر سرفراز، هائوس آف لارڊز (برطانيه) جي ميمبر ۽ برطانوي فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل پيٽرڪ سينڊرز ڪري رهيا هئا. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ خاص طور تي اترين علائقن ۾، ماحولياتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهه ٻولهه جو محور اهڙن پائيدار ترقي جي ماڊلز جو قيام هو جيڪي معاشي ترقي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ جي وچ ۾ توازن پيدا ڪن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن جيڪي قدرتي نظارن، ٻيلن ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي مقامي آبادي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن. اجلاس ۾ سامسن گروپ طرفان سڄي مُلڪ ۾ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري (سي ايس آر) تحت 10 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جي عزم جي حوالي سان پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وفاقي وزير ايڏي وڏي پيماني تي وڻ پوکڻ جي مهم کي ساراهيندي چيو ته نجي شعبي جي شموليت حڪومت جي ماحولياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته اهڙي قسم جُون ڀائيواريون پاڪستان جي سرسبز ترقياتي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ قومي سطح تي ٻيلن جي بحالي ۽ پائيدار ترقي جي قومي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.











