راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. تفصيل موجب اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ خوارجي ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن کانپوءِ ٽن خوارجي دهشتگردن ڪيمپ ۾ اندر داخل …
سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 4 خوارجي دهشتگرد جهنم ڀيڙو

مزید خبریں
راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. تفصيل موجب اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ خوارجي ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن کانپوءِ ٽن خوارجي دهشتگردن ڪيمپ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب وقتائتي بهادري سان ڪيل جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٽن خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو .حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. واضح رهي ته صرف ٻن ڏينهن دوران افغان طالبان جي حمايت يافته 88 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي .نيشنل ايڪشن پلان تحت آخري خوارجي جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ ڪارروايون جاري رکندا.











