بين المذاهب هم آهنگي اسلام جي بنيادي تعليمن ۾ شامل آهي، بنيادي حقن جو تحفظ ئي انصاف جو اعليٰ ترين اهڃاڻ آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

 اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي اسلام جي بنيادي تعليمن ۾ شامل آهي ۽ آئيني گهرجون بڻجڻ کان پهرين ئي اسان جي تهذيبي ۽ اخلاقي روايت جو حصو هيون، بنيادي حقن جو تحفظ ئي انصاف جو اعليٰ ترين اهڃاڻ آهي. اهڙواظهار هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بنيادي انساني حق، …

 اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي اسلام جي بنيادي تعليمن ۾ شامل آهي ۽ آئيني گهرجون بڻجڻ کان پهرين ئي اسان جي تهذيبي ۽ اخلاقي روايت جو حصو هيون، بنيادي حقن جو تحفظ ئي انصاف جو اعليٰ ترين اهڃاڻ آهي. اهڙواظهار هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بنيادي انساني حق، هڪ آئيني تقاضا جي عنوان قومي سمپوزيم کي پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ڪيو. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بنيادي انساني حق، هڪ آئيني تقاضا جي عنوانس ان قومي سمپوزيم منعقد ٿيو جنهن جو بندوبست لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي گڏيل طور تي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان سيڪريٽري جنرل رابطا عالمِ اسلامي ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي، سپريم ڪورٽ جي دعوت تي پاڪستان آيو ۽ مُک خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انصاف، رحمدلي ۽ انساني اخوت اهي گڏيل قدر آهن جيڪي سمورن مذهبن ۾ ڏٺا وڃن ٿا ۽ اهي ئي قدر بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل پُرامن بقا جو بنياد بڻجن ٿا. سمپوزيم کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انساني حقن بابت نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن ربيعه جويري آغا ۽ سينيٽر فاروق حامد نائيڪ به موضوعاتي خطاب ڪيا. پڄاڻي واري سيشن تي اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني خطاب ڪندي چيو ته عدليه تي آئيني طور اها مقدس ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو مساوات، تڪثيريت (Pluralism) ۽ قانون جي حڪمراني جي اصولن جو تحفظ ڪري. اجلاس جي پڄاڻي تي بين المذاهب هم آهنگي ۽ بنيادي حقن بابت پڌرائي منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ويو ته اتحاد، برداشت ۽ انصاف کي آئيني جمهوريت جي بنياد طور تي هٿي ڏني ويندي. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي معزز ججن، ضلعي عدليه جي ميمبرن، سفارتي نمائندن، بين الاقوامي ڀائيوارن، ناليوارن قانوني ماهرن، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں