اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت صحيح رُخ تي آهي، مُک معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس سميت اهم شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس نومبر جي شروع ۾ متوقع آهي. ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي جاري آهي ۽ هي منصوبو حقيقي گيم چينجر …
ملڪي معيشت صحيح رُخ تي آهي، مُک معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت صحيح رُخ تي آهي، مُک معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس سميت اهم شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس نومبر جي شروع ۾ متوقع آهي. ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي جاري آهي ۽ هي منصوبو حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اٽلانٽڪ ڪائونسل کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جي صورتحال مستحڪم آهي، معيشت صحيح رُخ تي آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بهتريءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت جي ٻئي جائزي ۽ آر ايس ايف تحت پهرئين جائزي جي تڪميل تي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿيو آهي، ان سان عالمي ادارن جي ملڪي معيشت تي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽن سالن کانپوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ جي ٽن عالمي ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آباديءَ ۾ واڌ ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي خطرا آهن، اسان هن وقت موسمياتي تبديلين تي پنهنجي توجهه ڏئي رهيا آهيون. 2010ع، 2022ع ۽ هاڻوڪي ٻوڏ سبب موسمياتي تبديلين جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ان سان اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته ان جي شدت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ نقصانن جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳن ٿا، هاڻوڪي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم ۽ حڪومت پنهنجي وسيلن اندر رهندي رليف ۽ ريسڪيو قدمن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 300 ڏينهن لاءِ ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال اقتصادي اؤسر جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زراعت ۽ اهم فصلن کي پهتل نقصان جي روشنيءَ ۾ ان ۾ گهاٽي واڌي ٿي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس سميت اهم شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي. گذريل سال جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو هئي، گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي اها شرح 10.2 سيڪڙو ٿي وئي. جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تي اها شرح 11 سيڪڙو تائين ۽ ايندڙ سال 13 سيڪڙو تائين ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. حڪومت ٻين شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن. گذريل سال زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان قانونسازي ٿي آهي، ريٽيل ۽ هول سيل کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، اهڙيءَ طرح سيلز ٽيڪس رجيم تي به توجهه ڏني پئي وڃي ۽ ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو کنيو پيو وڃي. کنڊ، سيمنٽ ۽ تماڪ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڊجيٽل نگراني ڪئي وئي آهي، حڪومت ٽيڪس نظام کي معقول بڻائڻ تي سنجيده آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت قرضن جي انتظام لاءِ قدم کنيا آهن، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ سان ادائگين ۾ فائدو ٿيو آهي. گذريل سال قومي مالياتي معاهدي جي شروعات ٿي. صدرِ مملڪت اين ايف سي ايوارڊ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏيو آهي. ڪميشن جو شروعاتي اجلاس سيپٽمبر ۾ ٿيڻو هو جڏهن ته ٻوڏ سبب دير ٿي آهي، هاڻ نومبر جي شروعات ۾ افتتاحي اجلاس متوقع آهي. اين ايف سي جي حوالي سان فيصلا اتفاق راءِ سان ٿين ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ضروري آهي، اسان کي ماضي جي لاهن چاڙهن وارن چڪرن کان نڪري معيشت کي پائيدار استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو. حڪومت ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪس، توانائي، ٽيرف کي معقول بڻائڻ، تقسيم ڪار ڪمپنين جي نجڪاريءَ سميت ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. حڪومت روانگي واپار، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ جي سي سي ۽ وچ ايشيا سميت ٻين خطن تي توجهه ڏئي رهي آهي. ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي جاري آهي ۽ منصوبو حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندو. آپريشنلائزيشن کانپوءِ ريڪوڊڪ مان 2.8 ارب ڊالر ساليانو روانگي واپار جو امڪان آهي. هن چيو ته پيداوار ۾ واڌ اسان جي ترجيح آهي، پاڪستان ۾ آٽو جي صنعت روانگي واپار شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ امڪان آهي ته اهو سلسلو هٿي وٺندو.











