جنرل ساحر شمشاد مرزا پاران علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ، گلوبل نارٿ ۽ گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ لاڳاپا متوازن بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار جي عزم جو اظهار

راولپندي - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ، گلوبل نارٿ ۽ گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، احترام ۽ اصولي سفارتڪاري جي ذريعي لاڳاپن کي متوازن بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار جو عزم ظاهر ڪيو آهي ۽ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان …

راولپندي – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ، گلوبل نارٿ ۽ گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، احترام ۽ اصولي سفارتڪاري جي ذريعي لاڳاپن کي متوازن بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار جو عزم ظاهر ڪيو آهي ۽ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نپس، نسٽ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”اسلام آباد سمپوزيم 2025ع“ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين جي سي ايس سي سمورن مقررين ۽ پينلسٽس جا انهن جي قيمتي ڏاهپ تي ٿورا مڃيا ۽ عالمي ۽ علائقائي ماحول تي روشني وڌي. هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ، عالمي اتر ۽ گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، وقار ۽ اصولي سفارتڪاري جي ذريعي لاڳاپن کي متوازن بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار جو عزم ظاهر ڪيو. ٽڪراءُ کي تعاون سان بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ عالمي قانون ۾ ڳنڍيل گڏيل بقاءَ جي ويزن مان رهنمائي حاصل ڪري ٿو. چيئرمين جي سي ايس سي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته خطن ۽ تهذيبن جي سنگم تي بيهي پاڪستان تحمل ۽ تعميري رابطن کي برقرار رکيو آهي جيڪو ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ انصاف، برابري ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هڪ متوازن عالمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ اڪيڊيميا ميمبرن، بيوروڪريٽس، غيرملڪي سفيرن، واپاري برادري جي نمائندن، ناليواري يونيورسٽين جي شاگردن ۽ فيڪلٽي شرڪت ڪئي.

مزید خبریں