نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن جي مُلاقات

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن موجوده سياسي ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن جي خوشگوار ۽ تعميري ملاقات ٿي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن موجوده سياسي ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن جي خوشگوار ۽ تعميري ملاقات ٿي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين نيئر حسين بخاري ۽ نديم افضل چن شامل هئا. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سان گڏوگڏ تازي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں