اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اپينڪ جي نئين چونڊيل چيئرمين محمد صديق انظر سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آل پاڪستان نيوز پيپرز اينڊ اليڪٽرانڪ ميديا ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (اپينڪ) جي نئين چونڊيل چيئرمين محمد صديق انظر سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي انهن کان عهدي جو حلف ورتو ۽ صحافين جي حقن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. گذريل ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ ايپنڪ جي نئين چونڊيل …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آل پاڪستان نيوز پيپرز اينڊ اليڪٽرانڪ ميديا ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (اپينڪ) جي نئين چونڊيل چيئرمين محمد صديق انظر سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي انهن کان عهدي جو حلف ورتو ۽ صحافين جي حقن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. گذريل ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ ايپنڪ جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع واري وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد طلحيٰ محمود، شام جي سفير رامز العري، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عمرانه وزير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پي آءِ او مبشر حسن، ڊائريڪٽر خواجه معاذ، ڊائريڪٽر زوبيه، ڊائريڪٽر فيڊرل هائوسنگ فائونڊيشن عمر سيال، پي ايف يو جي (دستور) جي صدر حاجي محمد نواز رضا، پي ايف او جي (ورڪر) جي صدر ڊاڪٽر سعديه ڪمال، پي ايف يو جي (راڻا عظيم) جي نائب صدر فرحت فاطمه، ناياب ليب جي سي اي او ڊاڪٽر ظهيرالدين شيخ سميت اهم سياسي ۽ صحافتي شخصيتن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت تي پختو يقين رکي ٿي، ميڊيا ۽ حڪومت جو تعلق حصيداري جو آهي، ٽڪراءُ جو نه آهي. اسان صحافت جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکنداسين. هن نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي ميڊيا انڊسٽري جي مسئلن جي حل ۽ صحافتي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندا. هن عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ امن معاهدي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو پڻ حوالو ڏنو. سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر پاران پاڪستان جي تعريف اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي. تقريب جي پڄاڻي تي اطلاعات واري وفاقي وزير بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ صحافين ۽ اهم شخصيتن کي اپينڪ پاران ايوارڊز پڻ ورهايا ۽ اپينڪ جي نئين قيادت سان گڏ گروپ فوٽو ورتو. ان موقعي تي خصوصي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سينيٽر طلحيٰ محمود خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي اپينڪ عهديدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي نئين چونڊيل چيئرمين صديق انظر هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي سڄي ملڪ جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا ٿورا ادا ڪيا ۽ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں