اسلام اباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوابزاده لياقت علي خان پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جو مخلص ساٿي، عظيم اڳواڻ ۽ سچو محبِ وطن هو، جنهن پاڪستان جي قيام کان فورن بعد نئين جوڙيل رياست جي تعمير ۽ استحڪام لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملڪ جي پهرئين وزيراعظم شهيدِ ملت نوابزاده لياقت علي …
نوابزاده لياقت علي خان پنهنجي اڻٿڪ محنت، ديانتداري ۽ بصيرت سان قوم جي خدمت ڪئي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام اباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوابزاده لياقت علي خان پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جو مخلص ساٿي، عظيم اڳواڻ ۽ سچو محبِ وطن هو، جنهن پاڪستان جي قيام کان فورن بعد نئين جوڙيل رياست جي تعمير ۽ استحڪام لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملڪ جي پهرئين وزيراعظم شهيدِ ملت نوابزاده لياقت علي خان پنهنجي اڻٿڪ محنت، ديانتداري ۽ بصيرت سان قوم جي خدمت ڪئي ۽ پاڪستان جي سياسي، معاشي ۽ سفارتي استحڪام جو بنياد رکيو. هن چيو ته شهيدِ ملت ملڪي مفاد، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي کي هميشه مٿانهون رکيو ۽ پنهنجي جان ان عظيم مقصد تي قربان ڪري ڇڏي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته لياقت علي خان جي شهادت تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي پر سندس نظريو، عزم ۽ جدوجهد اڄ به اسان جي لاءِ مشعلِ راهه آهن. هن چيو ته اسان کي قومِ جي حيثيت سان شهيد ملت جي فڪر کي مشعل راهه بڻائيندي ملڪ ۾ اتحاد، عدل ۽ جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي سياسي اڳواڻن، عوام ۽ نوجوان کي نوابزاده لياقت علي خان جهڙن اڳواڻن جي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪندي ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي.











