گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪا جي وقتي سفير جي ملاقات، علائقائي امن ۽ ٻطرفي سهڪار تي ڳالهيون

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ - آمريڪا لاڳاپن، علائقائي امن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق گهرو وزير، غزه امن معاهدي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو ڪريڊٽ …

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن، علائقائي امن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق گهرو وزير، غزه امن معاهدي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو ڪريڊٽ صدر ٽرمپ ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان، دنيا کي دهشتگردي کان محفوظ رکڻ لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي ۽ فرنٽ لائن رياست جي طور تي بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر دهشتگردي جي تازي واقعن ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا پاڪستان جي قربانين جي قدر ڪري ٿو ۽ هر ممڪن سهڪار جاري رکندو. ملاقات ۾ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري خرم آغا، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد به موجود هئا.

مزید خبریں