گهرو وفاقي وزير پاران ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته اسان جي دلير پُٽن وقت سر اثرائتي ڪارروايون ڪري دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته 34 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته اسان جي دلير پُٽن وقت سر اثرائتي ڪارروايون ڪري دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته 34 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، سيڪيورٽي فورسز جا بهادر آفيسر ۽ جوان اسان جو فخر آهن. گهرو وزير چيو ته قوم ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ فورسز جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پاڪستان جي پيشيوراڻي سيڪيورٽي فورسز نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ـ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں