قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير نيشل لائبريري ۾ يوڪرينين بڪس شيلف جو افتتاح ڪيو

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي نيشل لائبريري ۾ يوڪرينين بڪس شيلف جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ ثقافتي سهڪار جي علامت آهي. تقريب ۾ يوڪرين جي سفير مارڪيانڪ چوچڪ، سفارتي برادري جي ميمبرن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، محققن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير خطاب ۾ …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي نيشل لائبريري ۾ يوڪرينين بڪس شيلف جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ ثقافتي سهڪار جي علامت آهي. تقريب ۾ يوڪرين جي سفير مارڪيانڪ چوچڪ، سفارتي برادري جي ميمبرن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، محققن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير خطاب ۾ چيو ته هي قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ علم، ثقافت ۽ دوستي جي گڏيل عقيدي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 30هين سالگره آهي ۽ ٻنهي ملڪن تعليم، ثقافت، واپاري، انساني همدردي جي شعبن ۾ گڏيل احترام ۽ نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل ناتن کي هٿي ڏني آهي. هن چيو ته يوڪرين دنيا ۾ هڪ احترام جوڳو ملڪ آهي جنهن جي تاريخ شاندار، ثقافت روشن ۽ عوام باهمت آهي. يوڪرين عالمي ادب، سائنس، فنون ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته يوڪرينين بڪس شيلف پاڪستاني شاگردن، محققن ۽ قارئين کي يوڪريني ادب ۽ علم جي دولت سان روشناس ڪرائيندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن يوڪرين جي سفير ۽ سندس سفارتخاني جي ان ثقافتي ڪاوش ۾ سهڪار ۽ فراخ دلي کي ساراهيو جڏهن ته نيشنل لائبري آف پاڪستان جي پيشيوراڻي خدمتن ۽ عزم کي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته قومي ورثه ۽ ثقافت علم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ذريعي عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ڪتاب گهر نه صرف ڪتابن جو ذخيرو آهن پر تهذيبن وچ ۾ پُل ۽ ڳالهين، رواداري ۽ امن جا دروازا آهن. هن چيو ته يوڪرينين بڪس شيلف پاڪستان ۽ يوڪرين جي دوستيءَ جي يادگار آهي ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قومون ان وقت ويجهو اينديون آهن جڏهن هو علم، فن ۽ فهم کي ورهائين ٿيون. يوڪرين جي سفير پاڪستان حڪومت، قومي ورثه ۽ ثقافت واري وزارت ۽ نيشنل لائبريري جي انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ان منصوبي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ادبي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن ٻُڌايو ته هي منصوبو يوڪرين جي خاتون اول اولينازيلنيسڪا جي سرپرستيءَ ۾ دنيا جي 59 ملڪن ۾ قائم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ يوڪرينين بڪس شيلف جو قيام نه رڳوادبي مٽاسٽا جي علامت آهي پر هي پاڪستان ۽ـ يوڪرين جي ٽن ڏهاڪن تي ٻَڌل دوستاڻن ناتن جي ياد تازا ڪري ٿو جيڪو 1992ع ۾ گڏيل احترام ۽ سهڪار جي بنياد تي قائم ٿيو هو. سفير ۽ وفاقي وزير نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي اڱڻ ۾ دوستي ۽ وڌندڙ ثقافتي سهڪار جي علامت طور تي هڪ ٻوٽو لڳايو.

مزید خبریں