گهرو وزير محسن نقوي سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – آسٽريليا لاڳاپن، گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت مختلف شعبن ۾ حصيداري واري عمل کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ڪوسٽ گارڊز، بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي به پڻ اتفاق ڪيو ويو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – آسٽريليا لاڳاپن، گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت مختلف شعبن ۾ حصيداري واري عمل کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ڪوسٽ گارڊز، بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي به پڻ اتفاق ڪيو ويو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر دهشتگرد حملن ۽ تازن اڻوڻندڙ واقعن ۾ پوليس آفيسرن سميت سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز گهرو وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ اسلام آباد جي فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ان سان شهر ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن قذافي اسٽيڊيم جي خوبصورت بحالي کي به ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ گذريل وقت هڪ يادگار آهي جڏهن ته لاهور ۾ درٻار بي بي پاڪ دامن سندس پسنديده جاءِ آهي، هن چيو ته موجوده دور ۾ پاڪستان جو عالمي وقار ۽ مقام نمايان طور تي وڌيو آهي. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان غير قانوني اميگريشن جي حوصلا شڪني ۽ قانوني اميگريشن کي هٿي وٺرائڻ تي يقين رکي ٿو. غير قانوني طور تي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن کي وطن واپسي تي سخت قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن سان سختي سان پيش اچبو. گهرو وزير ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز جي ڪوششن کي ساراهيندي ان جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا ۽ آسٽريلوي هاءِ ڪمشن جي اعليٰ عملدار به موجود هئا.

مزید خبریں