پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ڏکڻ آفريقا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 93 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ٽيم جي مشهور اسپنر نعمان علي کي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. نعمان علي ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميچ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پاڪستان ٽيم …

لاهور- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ڏکڻ آفريقا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 93 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ٽيم جي مشهور اسپنر نعمان علي کي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. نعمان علي ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميچ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پاڪستان ٽيم طرفان ڏنل 277 رنسن جي هدف جي پوئواري ۾ پنهنجي ٻئين اننگز ۾ 183 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. اربع ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعاتي ميچ جي چوٿين ڏينهن راند جي شروعات ٿي ته پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ ٽوني ڊي زورزي پنهنجي گذريل ڏينهن جي انفرادي اسڪول ۾ بنا ڪنهن اضافي جي 16 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. 55 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ٽريسٽن اسٽبز، نعمان علي جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوءِ رائن ريڪلٽن ۽ ڊيوائڊبريوس 73 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري پنهنجي ٽيم کي کٽڻ جي ڪجهه اميد ڏياري، جڏهن ته ڊيوالڊبريوس 54 رنسن تي نعمان علي جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. ان جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ مجموعي اسڪور ۾ صرف 6 رنسن جي اضافي کانپوءِ رائن ريڪلٽن انفرادي 45 رنس ٺاهي ساجد خان جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ماني جي وقفي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جا رانديگر هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا. جڏهن ته سڄي ٽيم 183 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ميچ جو فيصلو چوٿين ڏينهن ئي ٿي ويو. پاڪستان طرفان نعمان علي ۽ شاهين آفريدي 4،4 جڏهن ته ساجد خان 2 وڪٽون حاصل ڪيون. پاڪستان، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي ميچ ۾ 93 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي.