اي ايف سي ايشين ڪپ سعودي عرب 2027ع ڪواليفائر ۾ پاڪستان جو مقابلو افغانستان سان ٿيندو

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اي ايف سي ايشين ڪپ سعودي عرب 2027ع ڪواليفائر ۾ پاڪستان جو مقابلو افغانستان سان (اڄ) اڱاري تي السالم ٽيڊيم، ارادي، ڪويت ۾ ٿيندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق رات 8 وڳي شروع ٿيندي. افغانستان خلاف ميچ لاءِ قومي فٽ بال ٽيم ڪويت ۾ موجود آهي. اڳوڻي عالمي گول ڪيپر جمشيد انور رانا چيو آهي ته قومي ٽيم جا رانديگر افغانستان خلاف ايشين فٽ …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اي ايف سي ايشين ڪپ سعودي عرب 2027ع ڪواليفائر ۾ پاڪستان جو مقابلو افغانستان سان (اڄ) اڱاري تي السالم ٽيڊيم، ارادي، ڪويت ۾ ٿيندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق رات 8 وڳي شروع ٿيندي. افغانستان خلاف ميچ لاءِ قومي فٽ بال ٽيم ڪويت ۾ موجود آهي. اڳوڻي عالمي گول ڪيپر جمشيد انور رانا چيو آهي ته قومي ٽيم جا رانديگر افغانستان خلاف ايشين فٽ بال ڪپ ڪواليفائي رائونڊ ۾ پنهنجي ميچ ۾ جذبي سان متحد ٿي کيڏندا ته ڪاميابي حاصل ڪندا. گروپ اي ۾ پاڪستان، افغانستان، ميانمر ۽ شام شامل آهن.