ڪوئيٽا - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين عورت فيفا فٽبال ريفري جو اعزاز ماڻي ناممڪن کي ممڪن بڻائيندڙ سونيا مصطفيٰ بلوچستان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ سونيا مصطفيٰ اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سال 2010ع کان هو فٽبال سان واڳيل آهي، بلوچستان جي نمائندگي ڪندي قومي فٽبال ٽيم جي لاءِ کيڏي …
سونيا مصطفيٰ پاڪستان جي پهرين عورت فيفا فٽبال ريفري بڻجي بلوچستان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين عورت فيفا فٽبال ريفري جو اعزاز ماڻي ناممڪن کي ممڪن بڻائيندڙ سونيا مصطفيٰ بلوچستان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ سونيا مصطفيٰ اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سال 2010ع کان هو فٽبال سان واڳيل آهي، بلوچستان جي نمائندگي ڪندي قومي فٽبال ٽيم جي لاءِ کيڏي آهي. 2017ع ۾ ريفري جو هڪ ڪورس ٿيو هو، ان وقت آئون هڪ پليئر جي طور تي فٽبال کيڏي رهي هيس پر اهو ڪورس ڪرڻ تي مون کي ريفري ڪورس سٺو لڳو پر اهو ڪورس مڪمل نه ڪري سگهيس. هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ 2018ع ۾ لاهور ۾ بلوچستان مان منهنجي سليڪشن ٿي هئي جنهن ۾ ٻين صوبن جون عورت رانديگرياڻيون پڻ هيون. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين عورت رانديگر هيس جنهن لاهور ۾ فيفا ريفري جو فزيڪل ٽيسٽ ڪليئر ڪيو هو. مون پنهنجي محنت جاري رکي اڄ قومي سطح تي بوائز ۽ گرلز ميچز ۾ بطور ريفري خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهيان. سونيا مصطفيٰ ٻڌايو ته بلوچستان ۾ عورت فٽبال ميچز گهٽ ٿينديون هيون بلوچستان ووميز فٽبال اڪيڊمي جو بنياد رکيو ان حوالي سان والدين وٽ پاڻ ويس ۽ انهن کي اڪيڊمي جي ماحول بابت اعتماد ۾ ورتو. خواهش آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪريان، ريفري جي طور تي منهنجا فرض موجود آهن. سونيا مصطفيٰ ٻڌايو ته فٽبال پليئر کان ريفري بڻجڻ تائين جو سفر آسان نه هو، پر عزم، حوصلو ۽ مسلسل جدوجهد سونيا مصطفيٰ کي بلوچستان جو فخر بڻائي ڇڏيو.











