گوانگ زو - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي 15 هين نيشنل گيمز ۾ معذور ماڻهن جي 12 هين نيشنل گيمز ۽ اسپيشل اولمپڪس جي نائين نيشنل نيشنل گيمز جو مشعل روشن ڪرڻ جي شاندار تقريب گذريل ڏينهن گوانگ دونگ صوبي جي گادي واري شهر گوانگ زو ۾ منعقد ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق تقريب ۾ ميزبان علائقن گوانگ دونگ، هانگ ڪانگ ۽ مڪا جي نمائندن گڏيل طور تي …
چين جي 15 هين نيشنل گيمز جو مشعل روشن، گوانگ زو ۾ شاندار تقريب

مزید خبریں
گوانگ زو – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي 15 هين نيشنل گيمز ۾ معذور ماڻهن جي 12 هين نيشنل گيمز ۽ اسپيشل اولمپڪس جي نائين نيشنل نيشنل گيمز جو مشعل روشن ڪرڻ جي شاندار تقريب گذريل ڏينهن گوانگ دونگ صوبي جي گادي واري شهر گوانگ زو ۾ منعقد ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق تقريب ۾ ميزبان علائقن گوانگ دونگ، هانگ ڪانگ ۽ مڪا جي نمائندن گڏيل طور تي علامتي مشعل روشن ڪيو. ان موقعي تي قومي اتحاد ۽ راندين کي هٿي ڏيڻ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو. چين جي 15 هين نيشنل گيمز 9 کان 21 نومبر تائين منعقد ٿينديون جڏهن ته معذور ماڻهن جون نيشنل گيمز ۽ اسپيشل اولمپڪس 8 کان 15 ڊسمبر تائين جاري رهنديون. اهي ايونٽس نه رڳو رانديگرن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪندا پر مختلف علائقن وچ ۾ دوستي ۽ هم آهنگي کي به هٿي وٺرائيندا.











