اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز لاءِ نشرياتي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن مطابق ڏکڻ آفريقا جو اڳوڻو ڪپتان شان پولاڪ، اڳوڻو پاڪستاني ٽيسٽ ڪپتان عامر سهيل، رميز راجه، وقار يونس ۽ بازيد خان ٽيسٽ سيريز جي ڪامينٽري پينل جو حصو هوندا. وائٽ بال سيريز دوران عامر سهيل، رميز راجه، عروج …
پي سي بي پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز لاءِ نشرياتي تفصيل جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز لاءِ نشرياتي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن مطابق ڏکڻ آفريقا جو اڳوڻو ڪپتان شان پولاڪ، اڳوڻو پاڪستاني ٽيسٽ ڪپتان عامر سهيل، رميز راجه، وقار يونس ۽ بازيد خان ٽيسٽ سيريز جي ڪامينٽري پينل جو حصو هوندا. وائٽ بال سيريز دوران عامر سهيل، رميز راجه، عروج ممتاز، جي پي ڊومني ۽ ورنن فلينڊر ڪامينٽري جا فرض ادا ڪندا. پي سي بي مطابق سيريز جي نشريات هاءِ ڊيفينيشن ڪوالٽي ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ 28 ڪيمرائون، بگي ڪيم سميت جديد هاڪ آءِ ۽ الٽرا ايج ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي شامل هوندي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا مداح اي اسپورٽس ۽ ٽين اسپورٽس تي ڪرڪيٽ ميچز سڌيءَ ريت ڏسي سگهندا جڏهن ته ٽيپ ميڊ ۽ تماشه پليٽ فارمز تي سيريز جي لائيو اسٽريمنگ دستياب هوندي. عالمي سطح تي سيريز جي نشريات سپر اسپورٽس، ٽين اسپورٽس، ڪرڪ بز ۽ ڊائلاگ ٽي وي تي ڪئي ويندي.











