رياض-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي قديه سٽي ۾ انٽر نيشنل آٽو موبائل فيڊريشن جو افتتاحي ايڪسٽريم ايڇ ورلڊ ڪپ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين منعقد ٿي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ايف آئي اي ايڪسٽريم ايڇ ورلڊ ڪپ جيڪو دنيا جو پهريون هائيڊروجن سان هلندڙ موٽر سپورٽ آهي، سعودي عرب قديه سٽي کي پنهنجي پهرين ايونٽ جي ميزباني جي تصديق ڪئي آهي . اها ريس جبل تويق جي دلڪش …
سعودي عرب ۾ ماحول دوست ڪار ريس 11 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندي

مزید خبریں
رياض-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي قديه سٽي ۾ انٽر نيشنل آٽو موبائل فيڊريشن جو افتتاحي ايڪسٽريم ايڇ ورلڊ ڪپ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين منعقد ٿي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ايف آئي اي ايڪسٽريم ايڇ ورلڊ ڪپ جيڪو دنيا جو پهريون هائيڊروجن سان هلندڙ موٽر سپورٽ آهي، سعودي عرب قديه سٽي کي پنهنجي پهرين ايونٽ جي ميزباني جي تصديق ڪئي آهي . اها ريس جبل تويق جي دلڪش پس منطر ۾ منعقد ٿيندي جيڪو هن وقت دنيا جي هڪ مشهور موٽر اسپورٽس هنڌ ۾ تبديل ٿيڻ جي عمل مان گذري رهيو آهي. اهو دنيا جو پهريون شهر آهي جيڪو مڪمل طورتي تفريح لاءِ ٺاهيو ويو آهي. جيڪو راندين ۽ ثقافت ۾ هڪجهڙائي رکي ٿو.ان ويزن جو مرڪز نئون متعارف ٿيندڙ اسپيڊ پارڪ ٽريڪ آهي.











