اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ 2002ع جي ٻوڏ جي لاءِ عطيو ڏيندڙن جي امداد جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن پاران ترقياتي امداد تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم بحالي ۽ نئين سر تعمير جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ 2002ع جي ٻوڏ جي لاءِ عطيو ڏيندڙن جي امداد جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن پاران ترقياتي امداد تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن تي وقت سر ۽ موثر عملدرآمد جي لاءِ هدايتون ڏنيون ته جيئن متاثر ماڻهن جي لاءِ مسلسل تعاون کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، موسمياتي تبديلي وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، لاڳاپيل سينيئر سرڪاري آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.











