پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ايم پي ايز جي مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ايم پي ايز جي مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي گهر واري، ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ايم پي ايز جي مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي گهر واري، ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي جي صورت ۾ مقرر تاريخ کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. سيڪشن 137 جي هيٺيون پوائنٽس پڻ ڏنيون ويون آهن. سيڪشن 137 اثاثن ۽ بقايائن جي گوشوارن جي فراهمي هر اڳوڻو اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر 30 جون تائين پنهنجي گهر واري، ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائيندا. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوريءَ تي مقرر ڪيل تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪندي. پهرين جنوري تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوري تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين هو پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارراوئي ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجن پيش ڪيل گوشوارن ۾ ڪنهن قسم جي غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو مرتڪب ڏٺو ويو ته ڪميشن سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ کان 120 ڏينهن اندر ان بدعنواني جي ڏوهه جي آڌار تي ڪارروائي ڪندو. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيسر، سينيٽ سيڪريٽري، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجي ٿو. فارم بي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ تان پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں