خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ سفير جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزيراعظم هو جنهن ايٿوپيا جو دورو …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ سفير جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزيراعظم هو جنهن ايٿوپيا جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بادشاهه نجاشي جي دور سان گڏيل احترام ۽ يڪجهتي تي قائم انهن تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. خاتون اول چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي کان متاثر 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، سندس تڪ ۾ به ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير ۽ وڻڪاري جون سرگرميون جاري آهن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا گرين پاڪستان انيشي ايٽو ۽ ايٿوپيا جي ڪامياب ٻيلن جي ماڊل تحت موسميات سان هم آهنگ زراعت، قابل تجديد توانائي ۽ ارلي وارننگ سسٽم تي گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. هن ايٿوپيا جي برڪس جي مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ موسمياتي ڪارروائي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي رابطن کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ ٻطرفي واپاري معاهدي جي تڪميل، هن سال جي آخر ۾ عديس ابابا ۾ سنگل ڪنٽري نمائش ۽ ڪراچي ۽ عديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي شامل آهي جيڪا وڌ کان وڌ رابطي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سفير پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي پهرين سفير جي حيثيت سان پاڪستان جو مثبت اميج پيش ڪرڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته سندس ڌيان  ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ تي آهي. هن پاڪستان کي عالمي منظرنامي ۾ هڪ مضبوط حصيدار جي طور تي بيان ڪيو. ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ جي طور تي ايٿوپيا جي ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته آفريقي خطو پاڪستان جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جا اهم موقعا فراهم ڪري ٿو. هن خاتون اول کي ايٿوپيا جي ٻيلن جي وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم بابت پڻ ٻڌايو جنهن ۾ 7 سالن ۾ 48 ارب ٻوٽا هنيا ويا. سفير خاتون اول کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ ايٿوپيا جي خاتون اول سان تعاون جون رهون ڳولڻ جي دعوت ڏني جنهن عورتن، ٻارن ۽ ماحولياتي مقصدن جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪم ڪيو آهي. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله جي مستقبل جي ڪوششن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جاري رهندي. ملاقات ۾ سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئي.

مزید خبریں