اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهين ذريعي آزاد ڪشمير ۾ خوش اسلوبي سان سمورا معاملا حل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي سمورن خدشن کي ختم ڪيو ويندو، حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير ۾ ڳالهه ٻولهه واري عمل جي ڪاميابي کانپوءِ ڳالهين …
وزيراعظم پاران ڳالهين ذريعي آزاد ڪشمير ۾ خوش اسلوبي سان سمورا معاملا حل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهين ذريعي آزاد ڪشمير ۾ خوش اسلوبي سان سمورا معاملا حل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي سمورن خدشن کي ختم ڪيو ويندو، حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير ۾ ڳالهه ٻولهه واري عمل جي ڪاميابي کانپوءِ ڳالهين واري حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ راجا پرويز اشرف، قمر الزمان ڪائره، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، سردار محمد يوسف، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، احد خان چيما ۽ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان موجود هئا. وزيراعظم ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن جي ڪشمير ۾ معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پڻ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو جنهن جي لاءِ اها ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ سمورا معاملا خوش اسلوبي سان حل ٿيا، ڪشميري عوام جي سمورن خدشن کي ختم ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري رکندي، عوامي مفاد ۽ امن اسان جي ترجيح آهي، آزاد ڪشمير جي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ به ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي حقن جا محافظ هئاسين ۽ اڳتي به انهن جي حقن جو تحفظ ڪندا رهنداسين، آزاد ڪشمير جي مسئلن تي سدائين ڌيان رهيو آهي ۽ منهنجي حڪومت سدائين ترجيحي بنيادن تي انهن مسئلن کي حل ڪيو آهي. هن يقين ڏياريو ته حڪومت ڪشميري عوام جي امنگن موجب انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻندي رهندي.











