راولپنڊي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي اورڪزئي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته 19 خوارجي مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 7 ۽ 8 آڪٽوبر 2025ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ ڀارتي حمايت …
سيڪيورٽي فورسز پاران اورڪزئي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي، ڀارتي حمايت يافته 19 خوارجي مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد

مزید خبریں
راولپنڊي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي اورڪزئي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته 19 خوارجي مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 7 ۽ 8 آڪٽوبر 2025ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي سان 19 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ سندس نائب ميجر طيب راحت جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي. شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق راولپنڊي جو رهواسي هو ۽ سندس عمر 39 سال هئي جڏهن ته سندس نائب ميجر طيب راحت به راولپنڊي جو رهواسي ۽ سندس عمر 33 سال هئي. ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سان گڏوگڏ 9 بهادر سپاهي به وطن تان قربان ٿي ويا، انهن شهيدن ۾ نائب صوبيدار اعظم گل (خيبر)، نائيڪ عادل حسين (ڪرم)، نائيڪ گل امير (ٽانڪ)، لانس نائيڪ شير خان (مردان) لانس نائيڪ طالش فراز (مانسهره)، لانس نائيڪ ارشاد حسين (ڪرم)، سپاهي طفيل خان (مالاڪنڊ)، سپاهي عاقب علي (صوابي) ۽ سپاهي محمد زاهد (ٽانڪ) شامل آهن. سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به لڪيل دهشتگرد کي انجام تائين پهچائي سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪن ٿيون.











