اسپينش لاليگا ۾ ريال ميڊرڊ ويلريال کي 3-1 تان هارائي ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

ميڊرڊ- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ هسپانوي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي اٺين ميچ ۾ ويلريال کي هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ريال ميڊرڊ جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ويلريال جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 3 گول تان هارائي ڇڏيو. ريال ميڊرڊ طرفان وينسيئس جونيئر 2 جڏهن ته ڪيلين ايمبا پيني هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. …

ميڊرڊ- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ هسپانوي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي اٺين ميچ ۾ ويلريال کي هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ريال ميڊرڊ جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ويلريال جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 3 گول تان هارائي ڇڏيو. ريال ميڊرڊ طرفان وينسيئس جونيئر 2 جڏهن ته ڪيلين ايمبا پيني هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ريال ميڊرڊ جي ليگ لاليگا ۾ ستين فتح آهي ۽ ان ڪاميابي بعد فاتح ٽيم قيمتي ٽي پوائنٽس به حاصل ڪري ورتا. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.