ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو

نئين دهلي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 آڪٽوبر کان ارون جيٽلي اسٽيڊيم، نئين دهلي ۾ شروع ٿيندو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ميزبان ڀارتي ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڀارتي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊين …

نئين دهلي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 آڪٽوبر کان ارون جيٽلي اسٽيڊيم، نئين دهلي ۾ شروع ٿيندو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ميزبان ڀارتي ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڀارتي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊين ٽيم کي هڪ اننگز ۽ 140 رنسن تان هارايو هو. ڀارتي ٽيم کي شبمن گِل ليڊ ڪندو، جڏهن ته ويسٽ انڊيز ٽيم کي روسٽن چيسي ليڊ ڪندو. سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ڀارت کي اها ميچ ڊرا کيڏڻي پوندي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي سيريز برابر ڪرڻ لا اها ميچ کٽڻي پوندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 کا 14 آڪٽوبر تائين ارون جيٽلي اسٽيڊيم، نئين دهلي ۾ کيڏي ويندي.