سنڌ حڪومت پاران نيشنل راندين لاءِ رانديگرن جا ٽرائل شروع ڪرڻ جي منظوري، نيشنل رانديون 6 ڊسمبر کان شروع  ٿينديون

ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت اڄ کان 35هين نيشنل راندين لاءِ رانديگرن جا ٽرائل شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته نيشنل رانديون 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون، جنهن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ رانديگر 32 راندين جي ايونٽس ۾ حصو وٺندا. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي …

ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت اڄ کان 35هين نيشنل راندين لاءِ رانديگرن جا ٽرائل شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته نيشنل رانديون 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون، جنهن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ رانديگر 32 راندين جي ايونٽس ۾ حصو وٺندا. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو .اجلاس ۾ 35 هين نيشنل راندين جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته رانديگرن جا ٽرائل سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ 20 آڪٽوبر تائين جاري رهندا، جڏهن ته آخري ٽرائل ڪراچي ۾ منعقد ڪيا ويندا. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سمورا ٽرائل مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته 35هين نيشنل راندين جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ افتتاحي تقريب شاندار انداز ۾ ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته حڪومت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ هن قومي سطح جي تقريب لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويندا. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، سيڪشن آفيسر اي ڊي گوپانگ، سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن احمد علي راجپوت ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.