بنڪاڪ جي باڪسنگ رنگ ۾ ڀارت کي شڪسست، پاڪستان جو سمير خان عالمي چيمپئن بڻجي ويو

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) باڪسنگ جي ميدان ۾ پاڪستاني باڪسر سمير خان تاريخ لکي ڇڏي. پهرين ڀيرو يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ عالمي ٽائٽل سمير خان، پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو. سمير خان، ڀارتي مخالف بنٽي سنگهه کي ناڪ آئوٽ ڪري ٽائٽل کٽي ورتو. 52 ڪلو گرام ڪيٽگري جي مقابلي ۾ سمير خان راند جي شروعات کان ئي مخالف ڀارتي باڪسر تي حاوي رهيو. سمير خان جي ” جيٽ …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) باڪسنگ جي ميدان ۾ پاڪستاني باڪسر سمير خان تاريخ لکي ڇڏي. پهرين ڀيرو يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ عالمي ٽائٽل سمير خان، پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو. سمير خان، ڀارتي مخالف بنٽي سنگهه کي ناڪ آئوٽ ڪري ٽائٽل کٽي ورتو. 52 ڪلو گرام ڪيٽگري جي مقابلي ۾ سمير خان راند جي شروعات کان ئي مخالف ڀارتي باڪسر تي حاوي رهيو. سمير خان جي ” جيٽ سيليبريشن“ انداز، ڀارتي حريف جو اعتماد متزلزل ڪري ڇڏيو. ريفريز جي متفقه فيصلي سمير خان کي ڪامياب قرار ڏنو. سمير خان، ٽائٽل کٽڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آئون سموري پاڪستانين جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن منهنجو ساٿ ڏنو ۽ دعائن ۾ ياد رکيو، آئون پنهنجي ڪاميابي کي پاڪ فوج ۽ پاڪ فوج جي شهيدن جي نالي ڪريان ٿو. باڪسر سمير خان جي اها ڪاميابي انفرادي نه پر سڄي پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهي.