روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 ايشيا ڪپ جو فائنل 28 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو

دبئي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽي -20 ايشيا ڪپ 2025ع ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ 28 سيپٽمبر آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميچ مقامي وقت موجب شام ساڍا 7 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان بنگلاديش کي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ 11 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ رسائي …

دبئي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽي -20 ايشيا ڪپ 2025ع ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ 28 سيپٽمبر آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميچ مقامي وقت موجب شام ساڍا 7 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان بنگلاديش کي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ 11 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ رسائي حاصل ڪري ورتي جتي سندس مقابلو آچر تي روايتي حريف ڀارت سان ٿيندو.  ايشيا ڪپ جي تاريخ اٽڪل 41 سال پراڻي آهي جڏهن ته هي هڪ ناقابل يقين آهي ته روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڪڏهن به آمهون سامهون نه ٿيا، پهريون ڀيرو 1984ع ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ کان 2023ع تائين 16 ڀيرا کيڏيل ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ ڪيتريون ئي ميچون کيڏيون جڏهن ته ٻئي ٽيمون ڪڏهن به هڪٻئي جي سامهون نه اچي سگهيون، هي پهريون موقعو آهي جڏهن روايتي حريف فائنل ۾ ٽڪرائيندا. گروپ ۽ سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان کي ڀارت هٿان شڪست ٿي جڏهن ته ڪپتان سلمان آغا فائنل ۾ کٽڻ لاءِ پراميد آهي، ڪرڪيٽ جا شوقين 28 سيپٽمبر تي پهريون ڀيرو فائنل ۾ روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت کي کيڏندي ڏسندا.